text stringlengths 30 189k |
|---|
ڳوٺ ڀوريلي جو رهواسي سخي محمد نھڙي راڄ ڀاڳ جو رکوالو، لوڪ ڏاھپ جو ڄاڻو، راڄوڻي فيصلي تي وڏي مھارت رکندڙ ھڪ اھڙو ڪردار ھو، جنھن سوڍن جي ھلندي ۾ بہ پنھنجي لوڪ دانائي ۽ دليريءَ سان پاڻ مڃايو ھو ڳوٺ جي ريل ۾ وھانءُ وڌاڻي يا ڪنھن فيصلي وغيرھ ۾ نونگجي سوڍي سان گڏ سخي محمد نھڙي ۽ سندس ڀائيٽي محمد رحيم جي کٽ رکبي ھئي |
فارسيءَ جي ڪنھن شاعر چيو آھي ته مشک آن است کھ خود ببويد، |
عطر اھو آھي جو خوبخود پنھنجي خُوشبوءِ پاڻ پکيڙي، نہ ڪي عطار پيو سندس عمدگيءَ جو تعارف ڪرائي |
سخي محمد نھڙي جي ڀائيچاري، رواداري ۽ راڄنيتي جي مثالي ڳالھين کي ٻُڌي معلوم ڪري سگهجي ٿو تہ، ھڪ انسان صدين جي صُورت ڪيئن بڻجي ٿو سخي محمد راڄ ڀاڳ جي مرڻي پرڻي سميت ھر خوشي غمي ۾ دِل سان پير کوڙي بيھندو ھو، مرڻي جي موقعي تي وارثن سان گڏ تڏي تي ويھڻ، سٿراڙو سمھڻ جي رسم کان وٺي ٻارس يا چاليھي جون رسمون نبرڻ تائين نڀائڻ ھن جو ڪمال ھو پرڻي جي موقعي تي ڏينھن چِٽا ڪرڻ کان وٺي ڄَڃَ جي واپسيءَ کان پوءِ هٿواڻي جي رسم ادا ٿيڻ تائين اُڀين پيرين بيٺل ھوندو ھو گهر ڌڻيءَ کان وڌيڪ سخي محمد کي ڪاڄ سُڌارڻ جي اون ھوندي ھئي |
ڌرميلي ۽ کوڙي جي ريت نڀائڻ ۾ بہ واگها خان جي فرزند ڏاڏا سخي محمد جا ڪيترائي مثال موجود آھن اسلام ڪوٽ جي ڌيئاري ٻٻران مالهڻ، جيڪا عمرڪوٽ ۾ پرڻايل ھئي، ھن کي سڳو ڀاءُ راملال مالهي عمرڪوٽ کان اسلام ڪوٽ وٺي اچي رهيو ھو، وچ رستي ۾ مور لڪ وٽ لُٽيرن جي موجودگيءَ جو اطلاع مليو، ڀيڻ ڀاءُ پريشانيءَ ۾ گهاڙو جهلي بيھي رهيا، سخي محمد اُتان مَٽيو، راملال کان حال معلوم ڪري چيائين تہ، ٻٻران منھنجي بہ ڀيڻ آھي، آئون منھنجي اُٺ تي ويھاريان ٿو تُون پريشان نہ ٿي، گڏ ھلون ٿا ھن ٻٻران کي کينڪاري اُٺ تي ويھاري پنڌ ڇِڪيو، لُٽيرا پويان لڳا پر ھن وير جان جوکي ۾ وجهي ٻٻران ۽ سندس ڀاءُ کي باحفاظت ساھراڻي گهر پھچايو پوءِ سدائين ڏينھن ڏھاڙي سڳي ڀيڻ کي ڪوٺڻ واري ريت رسم ڪري ڪوٺي ايندو ھو ٻٻران جو خاندان اڄ بہ سخي محمد کي ساري اکيون اشڪبار ڪري ٿو ائين سخي محمد جي ڌرميلن ۽ واسطن جون ڪيتريون ڪھاڻيون آھن، جن کي ٻُڌڻ سان بي اختيار چپن تي اچي ٿو تہ ڇا تہ ماڻهو ھئا، جن پنھنجي ڪردار سان ثابت ڪيو ھو تہ، انسانيت جي الفت اُتم آھي |
سخي محمد وٽ وڏي اوھاڙ ھوندي ھئي ھُو دور انديش راڄوند ھو ڪشادي دل ۽ وسيع سوچ رکندڙ سخي محمد ننڍي سوچ کي ٻانڊي سوچ چئي ناپسند ڪندو ھو سخي محمد پنھنجي پوري راڄ کي مرڻي پرڻي هڪڙي چوکي ۾ کارايو ھن وٽ راڄ ۾ راڙا ڪري اُٿندڙ ڪلفت جي طوفان کي روڪڻ جي سگهه ھوندي ھئي ھن سدائين سچ جو سودو ڪيو، ڪوڙ کي اوڏو اچڻ نہ ڏنو ھن جي اندر ۾ انسانيت سان پيار ھو ھن جي من ۾ ذات پات کان مٿانھين ماڻهپي جي مڻيا ھوندي ھئي ھن زر جي بدران ظرف جي پچار ڪري مان ۽ مريادہ کي ميڙيو |
سخي محمد جي ارباب الهجڙيي سان وڏي ويجھڙائپ ھوندي ھئي ارباب الهجڙئي سخي محمد کي بندوق تحفي طور ڏني ھئي ٿر جي وسيع ريگستان ۾ ھن جي واسطيداري جي مالها پروئيل ھوندي ھئي ھن پنھنجي ست راڄي توڙي ٻين راڄن ڀاڳن ۾ ڪيترن ئي ورهين کان رنج رسامن ۾ رهندڙن کي سرچائي ميٺ محبت ۾ ملايا سڱابندين جا تڪرار نبيري رشتيداريءَ ۾ ڳنڍيا ھن ڏي ايندي واسطيدارن جي اندر جي اُڃ لھندي ھئي ھُو پنھنجائپ جا پير ڀري مشڪلاتن جي رڻن مان کين اُڪاريندو ھو |
ايندي لٿي اڃ، پير ڀريندي ٺريا، منجهه ويئري سڃ، ڪر لڌي رڻ اُڪارئين |
ائين راڄ ڀاڳ سان ڀلائيءَ جا پير ڀريندي سخي محمد ع ڌاري ھن فاني دُنيا کي الوداع ڪري ويو |
صُبح سڱڙيون کڻي ويا وڄائي وير، ڏوريان ڏوريان نہ لھان تن بيراڳين بهير، |
سخي محمد نھڙي جي وفات کان پوءِ سندس ڀائيٽي محمد رحيم نھڙي ڀوريلي جي راڄ ڀاڳ کي سنڀاليو راڄ ڀاڳ جي امن، مذھبي ھم آھنگي، برداشت، راڄ جي رکوالي، پيار ۽ پنھنجائپ جھڙن ڳڻن جي تسلسل ۾ پنھنجو اھم ڪردار ادا ڪيو محمد رحيم آدرشي اُستاد ۽ لوڪ شاعر بہ ھو محمد رحيم جي جيون خاڪي کي مُون پنھنجي ڪتاب ٿر ٿر اندر ٿاڪ ۾ تفصيلي چِٽيو آھي |
محمد رحيم جي گهرواري گھرواري گهرواري امان سليمت نھڙي ع ۾ لڏي ويندڙ وينجهي راجپوت جا امانت طور ڏنل سونا زيور سنڀالي رکيا ۽ ع ۾ امان سليمت ۽ سندس پٽ محمد منٺار وينجهي جي وارثن کي پاسپورٽ ذريعي گهرائي گھرائي گهرائي امانت جا تولا سونا زيور انهيءَ ڪپڙي ۾ ٻڌل ڏنا، جنھن ڪپڙي ۾ وينجهي ھتان لڏڻ وقت امانت طور ڏنا ھئا |
محمد رحيم جي وفات کان پوءِ محمد منٺار راجنيتي جي ذميواري نڀائي رهيو آھي محمد منٺار پنھنجي دور جو نامور اُستاد، سُگهڙ، سياڻو، لوڪ ڏاھپ جو ڄاڻو، راڄوند شخص آھي |
سخي محمد جي پوٽن مانائتن اُستادن اڪبر علي، سخي محمد ثاني ۽ محمد منٺار سان ڪچھري ڪندي سخي محمد ۽ محمد رحيم جي ڪردار جو تذڪرو ضرور ٿيندو آھي اڪبر علي ھڪ ڀيري ڪچھري ڪندي چيو تہ، اسان جي خاندان جي پيڙهي در پيڙهي لوڪ ڏاھپ ۽ رواداريءَ جي ريت کي پنھنجي ساھ ۾ سمائي اڳتي وڌي آھي پر سخي محمد ۽ سندس ڀائيٽي محمد رحيم جي لوڪ ڏاھپ واري مثالي ڪردار تي ڳالهيون ڪندي ڀوريلي جي ست راڄي ۾ اُڀري سج لهي ويندو پر ڳڻن ڀرين ڳالھين جو دنگ نہ ايندو ڀٽ ڌڻي چيو آھي ته |
وييون پَٻِ پَئي، کيرون کاھوڙَينِ جون، آءٌ تن ڏوٿِيَنِ جون پُڇان ڪيرُ پَھي، |
حزب الله جي سربراھ حسن نصرالله جي سندس نياڻي زينب سميت بيروت ۾ اسرائيلي حملي ۾ شھادت جي تصديق ٿي وئي آھي ان حملي ۾ کان وڌيڪ ٻيا ماڻهو پڻ شھيد ٿي ويا آھن حزب الله طرفان سينيئر اڳواڻ نعيم قاسم کي ان لبناني مزاحمتي تنظيم جو عارضي سربراھ مقرر ڪيو ويو آھي اھي پڻ خبرون آھن تہ، ھاشم صفي الدين کي حزب الله جو سربراھ مقرر ڪرڻ جا چِٽا امڪان آھن ھاشم صفي الدين حسن نصرالله جو رشتي ۾ ناٺي آھي نعيم قاسم، جنھن کي ھن وقت عارضي سربراھ مقرر ڪيو ويو آھي، اھو شوريٰ ڪميٽيءَ جو مسلسل ٽي ڀيرا ميمبر رهي چڪو آھي |
گذريل جمعي واري ڏينھن اسرائيلي فوج بيروت ۾ حزب الله جي ڪوارٽر کي نشانو بڻايو، جتي حسن نصرالله سميت تنظيم جا ٻيا اڳواڻ پڻ موجود ھئا حزب الله لبنان جي فوج کان بہ وڌيڪ سَگهه رکندڙ تنظيم ھئي حسن نصرالله کي ع ۾ اسرائيل سان حزب الله جي جنگ کان پوءِ ورلي ڪو عوام جي وچ ۾ ڏٺو ويو ھو سال ع ۾ ھُو بيروت جي ڏاکڻي پسگردائيءَ ۾ ھڪ مذھبي جلوس ۾ نظر آيو ھو تمام گهٽ ماڻهن کي اھا خبر ھئي تہ، حسن نصرالله جي رهڻ جو ھنڌ ڪھڙو آھي، ويجهن سالن ۾ جن اھلڪارن ۽ صحافين حسن نصرالله سان ملاقات ڪئي، انهن جو چوڻ آھي تہ، ھُو سخت حفاظتي انتظامن ۾ رهندو ھو، ايتريقدر جو ساڻس ملڻ لاءِ کين نيو ويو تہ، بہ اھا خبر پئجي نہ سگهي تہ کين ڪيڏانھن وٺي پيا وڃن گذريل ٻن ڏھاڪن کان ھن جون تقريرون گهڻي ڀاڱي ڪنھن ڳُجهي ھنڌ تان رڪارڊ ڪيون ۽ نشر ڪيون وينديون ھيون حسن نصرالله چئن ٻارن جو پِيءُ ھو ھُو ع ۾ سالن جي عمر ۾ اُن وقت حزب الله جو سيڪريٽري جنرل چونڊيو ويو، جڏهن ھڪ اسرائيلي گن شپ ھيليڪاپٽر ان جي پيش رو عباس الموسوي کي شھيد ڪري ڇڏيو حزب الله جي فلسطيني اتحادي حماس جي آڪٽوبر واري اسرائيل تي حملي کان پوءِ حزب الله گروپ لبناناسرائيل سرحد سان لڳ ڀڳ روزانو اسرائيلي فوجين سان جهيڙيندو رهيو آھي |
حسن نصرالله آگسٽ ع تي بيروت جي غربت ماريل اُترئين ٻہراڙيءَ واري علائقي برج حمود ۾ پيدا ٿيو ھُو ھڪ ننڍڙي ڳوٺ بازوريا سان تعلق رکندڙ ھڪ ريزڪي دُڪاندار جي نَون ٻارن جي اولاد مان ھڪ ھو ھن عراق جي شھر نجف جي ھڪ مدرسي ۾ ٽن سالن تائين تعليم حاصل ڪئي ع ۾ کيس اُتان ڪڍيو ويو اُن کان پوءِ ھُو لبناني سياست ۾ ڀرپور طريقي سان شامل ٿي ويو ۽ گهرو گھرو گهرو ويڙهه دوران شيعا مليشيا امل ۾ ھن شروعاتي تجربو حاصل ڪيو ۽ حزب الله سان وابستگيءَ لاءِ عمل کان ان وقت ڌار ٿي ويو، جڏهن اسرائيلي فوجين ع ۾ بيروت تي حملو ڪيو حسن نصرالله جي قيادت ۾ حزب الله ھڪ ڇاپا مار ڌڙي مان ملڪ جي سڀ کان وڏي سياسي طاقت بڻجي وئي نصرالله جي ذاتي شھرت سڄي عرب دنيا ۾ ان کان پوءِ وڌي وئي ھئي، جڏهن اسرائيل سان گڏيل قومن جي ٽياڪڙيءَ ۾ طئي ٿيل جنگبندي ع ۾ ختم ٿي ھئي ع ۾ ھُن پنھنجن ويڙهاڪن کي شام جي صدر بشارالاسد جي حڪومت جي مدد لاءِ شام موڪليو ھو حسن نصرالله جا ايران جي روحاني رهبر علي خامنہ اي سان ويجها لاڳاپا رهيا، ان حقيقت جي باوجود تہ حزب الله کي آمريڪا جي طرفان دھشتگرد تنظيمن جي فھرست ۾ شامل ڪيو ويو آھي، ان جي باوجود نہ تہ ايراني اڳواڻن ۽ نہ ئي حسن نصرالله پنھنجن ويجهن لاڳاپن کي لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي اسرائيل جي نشاني تي حزب الله اڳواڻ گهڻي وقت کان ھو پر گذريل جمعي جي ڏينھن اسرائيل ان کي ٽارگيٽ بنائڻ ۾ ڪامياب ويو اسرائيل ان حملي ۾ آمرڪي بسٽر بم استعمال ڪيا ۽ ڇھن عمارتن کي تباھ ڪري ڇڏيو ھُو زير زمين چوڏهين منزل جي فليٽ ۾ رهندو ھو ان کان اڳ حزب الله جي عباس موسوي کي پڻ اسرائيل شھيد ڪري ڇڏيو ھو ھيستائين اسرائيلي حملن ۾ حزب الله جا ڪيترائي ڪمانڊر شھيد ٿي چڪا آھن سيپٽمبر ع ۾ اسرائيل حملو ڪري حزب الله جي ڊرون يونٽ جي سربراھ محمد سرور کي شھيد ڪيو ھلندڙ سال جولاءِ تي ھڪ حملي ۾ حزب الله جي اعليٰ فوجي ڪمانڊر فواد شڪر کي شھيد ڪيو ويو، فواد شڪر لبنان جي ع ۽ ع جي گهرو گھرو گهرو ويڙهه دوران حزب الله جو بنياد رکڻ ۾ مدد فراھم ڪئي ھئي ۽ ھُو ان تنظيم جي سربراھ حسن نصرالله جو اھم مشير بڻيو فواد شڪر حزب الله جو سڀ کان سينيئر فوجي ڪمانڊر ھو ۽ حسن نصرالله سان روزانو رابطي ۾ رهندو ھو ع ۾ آمريڪا فواد شڪر جي باري ۾ معلومات فراھم ڪرڻ لاءِ ملين ڊالر جو انعام رکيو ھو آمريڪا موجب، ع دوران بيروت ۾ آمريڪي ميرين ڪور جي بيرڪن ۾ ٿيندڙ بمباري ۾ فواد شڪر جو مرڪزي ڪردار ھو |
فواد شڪر کان سواءِ ايليٽ فورس جي سربراھ ابراھيم عقيل کي پڻ ھڪ حملي ۾ شھيد ڪيو ويو ابراھيم عقيل حزب الله جي ايليٽ رضوان فورس جو سربراھ ھو ان حملي ۾ ماڻهو مارجي ويا ھئا، جن مان گهڻا عام شھري ھئا فواد شڪر کان پوءِ حزب الله ۾ ابراھيم عقيل ٻئي نمبر تي اھم ڪمانڊر ھو رضوان فورس حزب الله جو سڀ کان طاقتور يونٽ آھي ابراھيم عقيل حزب الله جي جھاد ڪائونسل جو ميمبر پڻ ھو اھا ڪائونسل ان تنطيم جو اعليٰ ترين فوجي ادارو آھي ان کان پوءِ ميزائيلن جو ماھر ابراھيم محمد قبيسي کي پڻ ھڪ حملي ۾ شھيد ڪيو ويو ھو ھُو حزب الله جي گائيڊيڊ ميزائيل يونٽ سميت ڪيترن ئي فوجي يونٽن جو سربراھ رهي چڪو ھو |
ھُن ع ۾ اسرائيل ۽ حزب الله جي وچ ۾ قيدين جي مٽا سٽا واري معاملي ۾ تمام اھم ڪردار ادا ڪيو ۽ ان معاھدي کي عرب دنيا ۾ حزب الله ۽ حسن نصرالله جي فتح طور ڏٺو ويو ع ۾ لبنان جي وزير اعظم رفيق حريري جي قتل کان پوءِ حسن نصرالله ملڪ جي سياسي ڌڙن جي وچ ۾ ٽياڪڙيءَ جو ڪردار بہ بهتر نموني پورو ڪيو حسن نصرالله پنھنجي لبناني زال ۽ ٻارن سان ڏکڻ بيروت جي علائقي ۾ رهندو ھو سندس وڏو پٽ بادي ع ۾ ارڙهن سالن جي عمر ۾ ھڪ اسرائيلي حملي ۾ شھيد ٿي ويو ھو اسرائيل ڪجھه وقت کان لڳاتار حملن جي ذريعي حزب الله کي نشانو بڻائيندو رهيو آھي ۽ ان جا اھم ڪمانڊر ۽ اڳواڻ شھيد ڪري چڪو آھي پر آمريڪا توڙي عالمي برادري ان کي روڪڻ جي لاءِ تيار نہ آھي گڏيل قومن جو ادارو ان سڄي معاملي ۾ بيوس بڻيل آھي ۽ پنھنجو فعال ڪردار ادا نٿو ڪري عرب ملڪ ڪو چِٽو موقف وٺڻ جي لاءِ تيار نہ آھن ايران آمريڪا طرفان پابندين ھيٺ آھي، ان جي معيشت تباھ ٿي وئي آھي ۽ اھو ان پوزيشن ۾ ئي نہ آھي جو ھن وقت پنھنجي اتحادي حزب الله جي مدد ڪري سگهي پر ان جي باوجود ايران محدود حد تائين ئي سھي حزب الله جي واھر ڪرڻ جو عزم رکي ٿو ھن وقت ايران کي پڻ خطرا آھن ۽ ان پنھنجي ھُن روحاني رهبر خامنہ اي کي محفوظ ھنڌ تي منتقل ڪري ڇڏيو آھي لڳي ائين ٿو تہ، حزب الله جي اھم ليڊرشپ کي نشانو بنائڻ کان پوءِ اسرائيل جو ايندڙ ٽارگيٽ ايران ھوندو ۽ جيڪڏھن ائين ٿئي ٿو تہ، صورتحال عالمي جنگ ڏانھن پڻ وڃي سگهي ٿي، جيڪو يقينن ھن گرهه جو اڀاڳ ھوندو |
اين ايف سي تي نظرثاني ملڪي استحڪام جي قيمت تي؟ |
پاڪستان جي انتھائي ڪمزور، محتاج ۽ پارليامينٽ ۾ ووٽن جي چند ٿُوڻين تي بيٺل حڪومت، ارب ڊالرن جي قرض عيوض ھن ايٽمي طاقت ملڪ جي مالياتي اختيارن جون واڳون، لڳي ائين ٿو تہ، آءِ ايم ايف جي حوالي ڪري ڇڏيون آھن ۽ ھاڻي اھو ادارو ملڪ جي اھم انتظامي، ايتريقدر جو آئيني معاملن ۾ بہ مداخلت ڪرڻ لڳو آھي ذريعن جي حوالي سان ميڊيا ۾ اھي شرط بہ رپورٽ ٿي رهيا آھن، جن عوام جو ساھ نپوڙيندڙ انهن شرطن عيوض ارب ڊالرن جو قرض حاصل ڪيو ويو آھي خبرون آھن تہ، جن ڳرن شرطن تي اسان جا حُڪمران ملڪي مرضيءَ جون مھارون آءِ ايم ايف حوالي ڪري آيا آھن، انهن شرطن ۾ اين ايف سي ايوارڊ فارمولي تي نظرثاني ڪرڻ پڻ شامل آھي مڃيل شرطن موجب، آءِ ايم ايف صوبائي حڪومتن جي خرچن کي پڻ مانيٽر ڪندو مستقبل ۾ پنجاب حڪومت جيان بجلي اگهن ۾ رليف نہ ڏنو ويندو پاڪستان آءِ ايم ايف پروگرام دوران ضمني گرانتس جاري نہ ڪندو زرعي شعبي، پراپرٽي سيڪٽر ۽ ريٽيل سيڪٽر کي ٽيڪس نيٽ ۾ آندو ويندو وفاق ۽ صوبن جي وچ ۾ نئون مالياتي معاھدو ڪيو ويندو غذائي جنسن جا امدادي اگهه مقرر نہ ڪيا ويندا |
ان ۾ ڪو بہ شڪ ڪونهي تہ، عالمي مالياتي ادارا استحصالي ايجنڊا جي تڪميل ۽ ان تي عمل ڪرائيندا آھن ان لاءِ ڏُکيا شرط لاڳو ڪري ان ملڪ جي مالياتي اختيار جون مھارون سڌيءَ ريت پنھنجي وس ڪندا آھن يا وري پنھنجن گماشتن جي ھٿ وس ڪرڻ لاءِ دٻاءَ وجهندا آھن مالياتي انتظام لاءِ ماڻهو ٻاھران مقرر ڪندا آھن ڪي ملڪ ڊفالٽ ٿيڻ کي قبوليندا آھن پر پنھنجي اختيارن تي سوديبازي نہ ڪندا آھن شايد ڊفالٽ ۾ ايترو نقصان نہ ٿئي ھا، جيترو ھن ملڪ جي سلامتيءَ ۽ وجود کي داءُ تي لڳائي ڪيو پيو وڃي آءِ ايم ايف جي شرطن ۾ اين ايف سي ايوارڊ تي نظرثاني ۽ صوبن ۽ وفاق جي وچ ۾ نئون مالياتي معاھدو بہ شامل آھي ۽ حيرت اھا آھي تہ اسان جا حڪمران ان اھم نقطي کي مڃي پڻ آيا آھن ارڙهين آئيني ترميم ۾ مالياتي ايوارڊ ۾ صوبن جي حصي کي آئيني تحفظ حاصل آھي آئين موجب، صوبن جو حصو وڌي سگهي ٿو پر گهٽجي نٿو سگهي صوبا اڳ ئي پنھنجي مالياتي حصي تي مطمئن نہ آھن ۽ صوبن کان مشاورت کان سواءِ ئي آخر ڪيئن آءِ ايم ايف جو اھو شرط قبول ڪيو ٿو وڃي؟ اصل حُڪمرانن ارڙهين آئيني ترميم کي دل سان ناھي قبوليو ۽ انهن جي اھا ئي ڪوشش رهي آھي تہ، ان ترميم کي رول بيڪ ڪجي، تہ جيئن انهن جي اڳيان ڪا بہ آئيني رُڪاوٽ نہ رهي اھا آئيني ترميم ختم ٿيڻ سان اين ايف سي ايوارڊ ۾ صوبن جي حصي کي مليل آئيني تحفظ ختم ٿي ويندو صوبا اھڙن ارادن جي مزاحمت ڪندا آيا آھن آءِ ايم ايف جي گذريل بيل آئوٽ پيڪيج وقت پڻ آءِ ايم ايف طرفان ان شرط واري ڳالهہ سامھون آئي ھئي پر پوءِ حڪمرانن آئيني رڪاوٽن کي نظر ۾ رکي اين ايف سي ۾ ترميم وارو فيصلو ترڪ ڪري صوبن تي اھو دٻاءُ وڌو ھو تہ، اُھي وفاق سان خرچن ۾ ڀائيواري ڪن ھن ڀيري تہ حُڪمران ڇاتيءَ تي ھٿ ھڻي ايف ايف سي نظرثانيءَ وارو شرط مڃي آيا آھن |
جيڪڏھن وفاق کي خسارو گهٽ ڪرڻو آھي تہ، ارڙهين آئيني ترميم تحت اھي کاتا، جيڪي صوبن کي ڏنا ويا آھن ۽ وفاق غير آئيني طريقي سان مرڪز ۾ اھي متبادل کاتا قائم ڪري رکيا آھن، اھي ختم ڪرڻ سان خرچ گهٽجي ويندا ھن ملڪ جي اشرافيہ کي اڍائي سئو ارب رپين جون جيڪي مراعتون مليل آھن، اھي ختم ڪرڻ سان پڻ وفاق جي خساري جي کڏ گهڻي حد تائين ڀرجي ويندي ٻيو شرط، جيڪو وفاقي حڪمران آءِ ايم ايف جي قرضن عيوض تسليم ڪري آيا آھن، اھو آھي آءِ ايم ايف کي صوبائي حڪومتن جي مانيٽرنگ جو اختيار ڏيڻ اھا صوبائي معاملن ۾ مداخلت آھي، جنھن کي ڪنھن بہ ريت صوبا تسليم نہ ڪندا وفاقي حڪمرانن صوبن سان مشاورت کان سواءِ آخر اھو شرط ڪيئن قبوليو آھي؟ ھاڻي جڏهن آءِ ايم ايف سان معاھدو ٿي ويو آھي ۽ قرض جي پھرين قسط بہ ملي چڪي آھي، حڪمرانن کي اھي شرط پارليامينٽ ۾ بحث لاءِ آڻڻ گهرجن تہ جيئن خبر پوي تہ، ملڪ کي ڊفالٽ کان بچائڻ لاءِ عوام جي ڏيوالي ڪڍڻ لاءِ ڪھڙا ڪھڙا شرط مڃيا ويا آھن |
ڪاش جاويد جسڪاڻي ۽ آصف رضا پريمو ڪولھي جھڙا ٿي پون ھا |
ابا منھنجي ڊاڪٽر جا جيرا ساڙي ڇڏيائون، اسان کي مُنھن ڏسڻ بہ نہ ڏنائون آئون گهٽين ۾ پيرين اگهاڙي ڊُڪندي رهيس، منھنجي شانو کي ساڙڻ کان بچايو ڳوٺ جي وڏيرن مون لاءِ پنھنجا دروازا بند ڪري ڇڏيا مائي رحمت ڊاڪٽر شاھنواز جي ماءُ ٻڌايو |
جھانئيري، عمرڪوٽ جي امڙ جون اھڙيون آھُون سنڌ پوليس جي ڪاري ورديءَ ۾ موجود قاتلن جو پتو لڳائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويون آھن سنڌ پوليس جي ٻن ڊي آئي جيز ۽ ٻن ايس ايس پيز پاران پڌري ڪيل جاچ رپورٽ ۾ سنڌڙي ٿاڻي ميرپورخاص پوليس کي ڊاڪٽر جو قاتل قرار ڏنو ويو آھي گُلن جا ھار پائيندڙ ۽ گلابن جي ريڊ ڪارپيٽ تي ھلندڙن مان جنھن بہ سنڌڙي روڊ تي رات جي وقت موٽر سائيڪل تي ويندڙ ٻن ھمراھن واري ڪھاڻي گهڙي ھئي، اھو پنھنجي ڪوڙي ڪھاڻي جو جاچ ڪاميٽي اڳيان دفاع نہ ڪري سگهيو خونِ ناحق سنڌڙي جي ايس ايڇ او نياز کوسو، ايس ايس پي ميرپور خاص اسد چوڌري، ايس ايس پي عمرڪوٽ آصف رضا بلوچ ۽ ڊي آئي جي ميرپور خاص جاويد جسڪاڻي سونھھاري جي وردي تي گهرا گھرا گهرا نشان ڇڏي ويو آھي سنڌ جي گهرو گھرو گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار ذميوارن مٿان ايف آئي آر ڪٽرائڻ جو اعلان ڪيو آھي |
مارڻ واري کان بچائڻ وارو وڏو ھوندو آھي ڪاش جاويد جسڪاڻي ۽ ھن جي ايس ايس پيز کي جي اھا ڳالھ سمجھ ۾ اچي وڃي ھا ھو الزام ۾ آيل ڊاڪٽر کي تحفظ فراھم ڪري قانون جي گُھرجن موجب الزامن جي جاچ ڪري انصاف جي در تي محفوظ نموني پھچائي اچن ھا تہ شايد اڄ پريمو ڪولھي جا ھٿ چمجڻ بدران پوليس جي ڄاڻايل آفيسرن جا ھٿ چميا وڃن ھا |
جيڪڏھن تحفظ فراھم ڪرڻ وارا ۽ جاچ ڪرڻ وارا پاڻ ئي قاتل ٿي پون تہ پوءِ انهن کي مائي رحمت جھڙين مائرن جون آھُون ۽ دانھون ائين ئي پڌرو ڪنديون، جيئن ڊاڪٽر شاھنواز جي قتل واري ڪوڙي پوليس مقابلي ۾ عمرڪوٽ ۽ ميرپور خاص پوليس پڌري ۽ بدنام ٿي آھي آئي جي سنڌ پوليس ۽ سنڌ جي گهرو گھرو گهرو کاتي جي صوبائي وزير ضياءَ الحسن لنجار حقيقت پڌري ڪرائي آھي |
شھيد بينظير آباد جي ڊي آئي جي ڪيپٽن ر پرويز احمد چانڊيو، حيدرآباد جي ڊي آئي جي طارق رزاق ڌاريجو، بدين جي ايس يس پي شيراز نذير ۽ ٿرپارڪر جي ايس ايس پي شبير احمد سيٺار تي مشتمل جاچ ڪاميٽيءَ رپورٽ ۾ جيڪي شاھديون پيش ڪيون آھن انهن مطابق عمرڪوٽ پوليس ڊاڪٽر شاھنواز جي ڳولا موبائيل نمبرن تي ٽريس ڪرڻ سان ڪئي موبائيل لوڪيٽر بينظير آباد پوليس جو استعمال ڪيو ويو ڳولا مٽياري کان شروع ٿي وڃي لياري، صدر ۽ طارق روڊ ڪراچيءَ تائين پھتي عمرڪوٽ پوليس جي سب انسپيڪٽر ستار سمون ۽ ٽيم ميمبرن ڊاڪٽر شاھنواز کي لياري جي پاڪ قطر ھوٽل جي ڪمري نمبر مان سيپٽمبر تي ساڍي چار وڳي گرفتار ڪيو ھوٽل ۾ ڊاڪٽر کي سب انسپيڪٽر ستار سمون محفوظ طريقي سان عمرڪوٽ وٺي ھلڻ جي خاطري ڪرائي ۽ ڊاڪٽر جي گرفتاري جو ايس ايس پي عمرڪوٽ کي اطلاع ڏنو عمرڪوٽ پوليس ڊاڪٽر جو چھرو ڪپڙي سان ڍڪي کيس عمرڪوٽ کڻي پئي آئي تہ حيدرآباد ويجهو ايس ايس پي عمرڪوٽ آصف رضا سب انسپيڪٽر ستار سمون کي ھدايتون ڏنيون تہ ملزم ميرپور خاص پوليس حوالي ڪرڻو آھي ائين عمرڪوٽ پوليس جمڙائو پوليس اسٽيشن تي ميرپور خاص پوليس جو انتظار ڪيو، جتي رپورٽ موجب، سفيد رنگ جي پوليس جي ويگو گاڏيءَ ۾ سوار اھلڪارن ڊاڪٽر کي پنھنجي تحويل ۾ ورتو ميرپور خاص ٽول پلازا تي لڳل سي سي ٽي وي ڪئميرائن موجب، انهي وقت دوران پڙهو منٽ، سيڪنڊ ھڪڙي ئي سفيد ويگو گاڏي لنگهي آھي جنھن جو نمبر ايس پي ايف آھي جنھن مان واضح آھي تہ، ايس ايس پي ميرپور خاص جي سرڪاري گاڏي ملزم کي کنيو آھي اڳتي رپورٽ ۾ ڄاڻايل آھي تہ، سيپٽمبر تي رات جو تقريبن لڳي منٽن تي سنڌڙي پوليس ٿاڻي جي حدن ۾ ڊاڪٽر کي پوليس مقابلي ۾ قتل ڪيو ويو آھي پوليس کي ڊاڪٽر کان ھڪ موبائيل فون، شناختي ڪارڊ ۽ ھڪ ھزار رپيا ھٿ آيا |
مٿئين جاچ رپورٽ سينيئر پوليس آفيسرن جي مرتب ڪيل آھي انهن جي جاچ ۾ ڪٿي بہ ان موٽر سائيڪل جو ذڪر ناھي، نہ ئي ساٿيءَ جي گوليءَ ۾ ڊاڪٽر جي مارجڻ جو ذِڪر آھي جيڪا ايس ايڇ او سنڌڙي ڊاڪٽر خلاف داخل ايف آئي آر ۾ گهڙي انهيءَ ڪھاڻيءَ جو گهڙيندڙ ناول نگار ۽ شاعر پوليس آفيسر آھي يا وري اجرڪن ۽ ھارن جو وڃاڻ سنڌڙي ٿاڻي وارو ايس ايڇ او؟ |
سول اسپتال عمرڪوٽ ۾ بطور سينيئر ميڊيڪل آفيسر گريڊ ارڙهين ۾ ڊيوٽي ڪندڙ سالن جي نوجوان ڊاڪٽر شاھنواز کي ڪوڙي پوليس مقابلي ۾ ماري گلاب لتاڙيندڙ پوليس آفيسرن، ڊاڪٽر جي لاش جي توھين ڪندڙن، لاش وارثن کان کسي انهيءَ کي باھ ڏيندڙن، عمرڪوٽ کي ٻن ڏينھن تائين پنھنجي وحشت ۽ جنون سان يرغمال بڻائيندڙن، سرڪاري پوليس موبائيل ساڙيندڙن، ڊاڪٽر شاھنواز جي سر جي قيمت لڳائيندڙن جو ساٿ ڏسي دنيا حيران ٿي وئي آھي سنڌ ۽ عمرڪوٽ جو دنيا ۾ تعارف تبديل ٿي ويو آھي جاچ ڪندڙ پوليس آفيسرن موجب، ھن واقعي سنڌ پوليس جي تاريخ ۽ نالي کي پڻ خراب ڪيو آھي |
ڪاله عمرڪوٽ جو تعارف اڪبر بادشاھ جي جنم ڀومي وارو ھو، عبدالواحد آريسر، سائين عبدالرحمان جمالي، جي ايم ڀڳت، جمن دربدر ۽ حليم باغي جي نالي سان ھو پر معذرت سان سترهن سيپٽمبر ۽ اوڻيھين سيپٽمبر جي شام کانپوءِ عمرڪوٽ جو تعارف ھاڻي ڪجھہ ٻيو آھي |
مُنھنجا يار اڄُ تنھنجي سارَ منھنجو سِينو سيڪي ڇڏيو آھي اکين جو سنڌُو تنھنجي ياد جي وير ڀاٽا ۾ اُٿلي پيو آھي ۽ تُون الئہ ڪٿي آھين؟ مون کي اڄُ بہ چِٽو ياد آھي، جڏھن تُون ننڍڙو ٻار ھُئين، تون پنھنجي ماءُ سان رُسندو ھُئين تہ پنھنجي پِيءُ وٽ ويندو ھُئين، ۽ پيءُ سان رُسندو ھُئين تہ ماءُ وٽ ويندو ھُئينڪڏھن توکي تُنھنجي ماءُ پرچائيندي ھُئي، ڇاتي لائيندي ھُئي تہ ڪڏھن توکي تُنھنجو پيءُ پرچائيندو ھو، تُنھنجا ڳوڙها پلن ۾ اُگهجي ويندا ھُئا، تُنھنجا نخرا ناز اَگهجي ويندا ھُئا، توکي خرچي ملندي ھُئي تُون وري بہ خوشيءَ ۾ کِلندو ھُئين |
۽ توکي ياد آھي الئہ نهتُنھنجي گهر جي سامھون ھڪڙو گهر ھوندو ھو، جنھن کي ڪوبہ دَر نہ ھوندو ھو، جنھن ۾ آئون رهندو ھُئس تو جھڙو خُوبصورت ۽ ننڍڙو معصوم ٻار، جنھن کي ھرڪو وڙهندو ھو، بنان ڏوھ جي ماريندو ھو، چوري چڪاريءَ کان وٺي ھر بُرائي تائين جيڪا بہ واردات ٿيندي ھُئي، چوندا ھُئا پڪ سان ھِن ڪئي ھوندي، ڇاڪاڻ تہ مُنھنجو اوپراڙو ڪرڻ وارو ڪير بہ نہ ھو مُنھنجو پاڻيءَ ۾ پير پَڌرو ھوندو ھو ٻين ٻارن جي غلطي مُنھنجي ڪنڌ ۾ وجهي مون کي روز ڪو نہ ڪو ماريندو ھو، پر مون کي پرچائڻ وارو ڪوبہ نہ ھومُنھنجي ماءُ مون کي ڇٺيءَ ۾ ڇڏي وئي ھُئي ۽ آئون پنجن سالن جو ٿيس تہ پيءُ بہ پساھ پورا ڪيا ڀيڻون پرايو ڀاڳ ٿي پرڻجي ويون، ڀائر ڀاڳ ۾ لکيل ئي نہ ھُئا چاچي وارن جون ٽپالون ڪري پيٽ پاليندو ھُئس ڳوٺ جا ماڻهو مون کي نڀاڳو چوندا ھُئا ماڻهن کي ڪھڙي خبر تہ ڀاڳ سڀاڳ معصوم ٻارن جي ھٿ ۾ ناھي ھوندو کِلائڻ جي عُمر ۾ مون کي روئاڙيو ويو کيڏڻ واري وھيءَ ۾ مون کان پورھيو ڪرايو ويو مون کي روز ڪونہ ڪو رُئاڙيندو ھو ۽ آئون روز پنھنجو پاڻ کي پرچائيندو ھئس پنھنجو پاڻ کي پرچائڻ وقت جيڪا پيڙا محسُوس ٿيندي ھُئي، اُن جو ڪاٿو نٿو لڳائي سگهانآئون پنھنجا لُڙڪ پاڻ پيئندو ھُئس، پوءِ بہ جيئندو ھئس ڇاڪاڻ تہ آئون يتيم ھُئس |
يتيم، جيڪو مائٽن جي اک مان ڪِريل اُھو بدنصيب ڳوڙهو ھوندو آھي، جنھن کي اُگهڻ وارو ڪير بہ ناھي ھوندو يتيم، جيڪو زندہ ھوندو آھي، پر زندگي ناھي ھوندي يتيم، جنھن جو خُدا تہ ھوندو آھي، پر پالڻھار ناھي ھوندو يتيم، جنھن جون اکيون تہ ھونديون آھن، پر سُرمون وجهڻ وارا ھٿ ناھن ھوندا يتيم، جنھن جا وار تہ ھوندا آھن، پر تيل جي لپ لکيل ناھي ھوندي يتيم، جنھن وٽ پير تہ ھوندا آھن، پر جُتي ناھي ھوندي يتيم، جنھن لاءِ چارئي ڏِسون سريکيون ھونديون آھن يتيم، جنھن وٽ سڀ ڪُجهہه ھوندي بہ ڪُجهہه بہ ناھي ھوندو ماءُ ۽ پيءُ کان سواءِ ھن دنيا ۾ رکيو ئي ڇا آھي؟ |
آئون ڪنھن ميلي ۾ ويندو ھئس تہ مون کي مٺائيءَ ۽ رانديڪا نہ وڻندا ھُئا مُنھنجيون اکيون ميلي جي ھجوم ۾ پنھنجي بابل جون آڱريون ڳوليندي ڳوليندي تڳوسر جي ترائي ٿي وينديون ھُيون مون کي ائين محسوس ٿيندو ھو ڄڻ آئون ميلي ۾ وڃائجي ويو آھيان ائين ئي تہ ھوآئون ھن دنيا جي ميلي ۾ وڃائجي ويو ھئسجنھن کي ڪير بہ ڳولڻ وارو نہ ھو عيد ايندي ھُئي تہ ھر ٻار کي عيدي ملندي ھُئي ۽ مون کي عيدي گُهرڻ تي وافر مقدار ۾ موچڙا ملندا ھُئا ٻين جا ٻار صبح جو وھنجي سھنجي ناشتي ۾ اُڦراٽا کائي اسڪول ويندا ھُئا آئون چاچا وارن جا دڙڪا کائي، گابا پھرائي لُڙڪن سان مُنھن ڌوئي اسڪول ويندو ھئس ڳوٺ ۾ ڪو ڪاڄُ ٿيندو ھو تہ سڀئي ٻارڙا سُٺن ڪپڙن ۾ ٺھي سنڀري ايندا ھُئا، ھڪ آئون ئي ھوندو ھئس، جنھن جو اندر اُجرو ۽ ڪپڙا ميرا ھوندا ھُئا مون کي وھنجارڻ ۽ سنڀرائڻ وارو ڪير بہ نہ ھو ڀرئي ڪاڄُ ۾ آئون وائڙن وانگي پيو ڦرندو ھُئس ايرو غيرو مون کان ئي ٽال ٽپال ڪرائيندو ھو سڀني ٻارن جا پيءُ پٽڪا ٻَڌي جڏھن ڇَني ۾ پُڄندا ھُئا، تڏھن مُنھنجيون اکيون پنھنجي بابل جي پَٽڪي جو ڇُڳو ڳوليندي ڳوليندي انڇر نير ۾ ڀرئي گهڙي وانگي ڇُلڪي پونديون ھيون ڳوٺ جون مايون سانجهيءَ ۽ سھرا ڳائينديون ھُيون، تڏھن منھنجا ڪَن پنھنجي ماءُ جو ڪَنٺ ٻُڌڻ لاءِ اُتاولا ٿي پوندا ھُئا گيتڪارين جي ٽولي ۾ پنھنجي ماءُ کي ڳوليندي ھڪ دفعو وري بہ يتيميءَ جي رڻ ۾ سانداري ڦاڙي ويھندو ھئس ڪاڄُ ۾ ھرڪو پنھنجي ٻار کي سولي نموني ماني کارائيندو ھو، ھڪڙو آئون ئي ھوندو ھئس جنھن سان گڏُ ڪو ٻار ماني کائڻ پسند نہ ڪندو ھو، سڀئي چوندا ھُئا ميرو آھي، ڪِڇرو آھي آئون اڪيلو ڇني جي ڪُنڊ ۾ ٻين ٻارن کان پرڀرو ويھي کائيندو ھئس ماڻهن جا ھهڙا رويا ڏسي پيٽ ڀرجي ايندو ھو ماني نہ وڻندي ھُئي ڳوٺ ۾ ڪنھن گابي يا ڇيلي جي ماءُ مرندي ھُئي تڏهن بہ آئون سڄو ڏينھن روئندو ھُئس مون کي ائين لڳندو ھو ڄڻ مُنھنجي ماءُ مري ويئي آھي ڳوٺ جا ٻار بابا بابا يا اَمان اَمانڪندا ھُئا تہ مُنھنجي روم روم مان ھڪ درد جي لھر اُٿي پوندي ھُئي |
ٻين کي سُٺا ڪپڙا پاتل ڏسي، دل مُنھنجي بہ ڇِڪي کائيندي ھُئي، پر مُنھنجين خواھشن کي ٻُڌڻ وارا وجود خاڪ ۾ ملي ويا ھُئا تتيءَ ۾ پير منھنجا پڻ ٻاٻرن جيئن ٻرندا ھُئا، پر ڍنگ جي جُتي وٺي ڏيڻ وارا مائٽ مِٽيءَ جو کاڄُ بڻجي چُڪا ھُئا مٺائيءَ ۽ ڀُڄيا ڏسي وات منھنجو پڻ پاڻي ٿيندو ھو پر پاءُ اڌُ وٺي ڏيڻ وارو نہ پِيءُ ھو نہ ئي روئندي ماٺ ڪرائڻ واري مٺڙي ماءُ ھُئي ٻين جون ڪنوارون ڏِسي دل منھنجي پڻ گهوٽ ٿيڻ لاءِ دُهل وانگي وڄندي ھُئي، پر ڇا ڪيان جو منھنجي منھن تي موڙ ڏسي سرهيون ٿيڻ واريون اکيون ابد لئہ سُمھي پيون ھيون ٻين جون مائرون ڏسي دل مُنھنجي پڻ ممتا ڀري گود لاءِ تڙپندي ھُئي پر پرماتما منھنجي نصيب ۾ ماءُ جي صرف قبر لکي ھُئي، جنھن تي ڪنڌ لاڙي ھر ٽئين ڏينھن لُڙڪن جا گُل ڇَنڊي ايندو آھيان |
يتيم جي آخري خواھش موت ئي ھوندو آھي، ۽ اڄُ آئون تمام گهڻو خوشُ آھيان جو منھنجي يتيم ڀيڻ مري ويئي آھي هڪ ڏُکن جو باب بند ٿي ويو آھي آئون پڻ ھاڻ ٿورو وقت ئي جيئندس، پر آسمان واري کي اھا ئي التجا ڪندس تہ ماڻهوءَ کان سڀ ڪُجهہه کسي وٺجانءِ پر ڪنھن کان ماءُ ۽ پيءُ نہ کسجانءِ مالڪ ڪنھن کي يتيم نہ ڪجانءِ، ڇاڪاڻ تہ يتيميءَ ۾ ٻارن کان رڳو رانديڪا ناھن وڃائجي ويندا پر زندگيون بہ وڃائجي وينديون آھن |
شاھ سائينءَ جي سوال سان گڏ سائين ايم سيد جي حضور ۾ |
ٻپھر ڪچڙي ٽپھريءَ ڏانھن وڌي رهيا ھئا، جڏهن آئون سَنَ ۾ مرشد جي ايم سيد جي تربت تي پھتس ھتي اچڻ جو حُڪم مُرشد سائين شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ گذريل رات جي پوياڙيءَ ۾ اُن وقت ڏنو ھو، جڏهن آئون اُن جي خانقاھ تي حاضر ٿيو ھئس اُتي سائين سچل سرمست ۽ سامي سائينءَ سان بہ ملاقات ٿي ھئي مسافر طالبِ علم انهن مرشدن سان گهڻي ڪچھري ڪئي مرشدن سان ڪيتريون بہ ڳالهيون ڪجن پر دل ناھي ڀرجندي شاھ سائين عبداللطيف ڀٽائيءَ فرمايو ھو فقير راحمون ھتان کان واپسيءَ تي سن ڳوٺ وڃي پنھنجي مرشد سيد غلام مرتضيٰ شاھ ڪاظمي جي ايم سيد جي تربت تي ھڪ سوال رکجانءِ ۽ پنھنجي مرشد کان پُڇجانءِ تہ، ورھاڱي لاءِ سنڌ اسيمبليءَ ۾ قرارداد پيش ڪري منظور ڪرائڻ ۽ مسجد منزل گاھ جي تحريڪ ھلائڻ جي نتيجن کان ڇو بيخبر رهيا؟ ڇا علم ۽ مشاھدن اُن جي رُخ ڏانھن رهنمائي نہ ڪئي ھئي جو ماڻهن جي شناخت کي سندن اصل کان ڪٽي مذھب سان جوڙڻ سان نفرتن جي واپار ۽ قتلام جا دروازا کُلن ٿا؟ |
مسافر طالب علم کي ھاڻي اھو سوال پنھنجي سياسي ۽ فڪري مُرشد جي حضور ۾ رکڻو ۽ جواب ڄاڻڻو ھو مرشد جي ايم سيد جي تربت تي عاجزيءَ سان سلام پيش ڪري تربت وٽ ويھي رهيس ڪجھه دير کان پوءِ مرشد جي آواز ذھن ۽ دل تي دستڪ ڏني مرشد چئي رهيو ھو اي منھنجا شھزادا مسافر، ملي آئين شاھ سائينءَ جي خانقاھ تي شاھه، سچل ۽ ساميءَ سان؟ |
جِي ھا مون عرض ڪيو پوءِ مرشد شاھ سائين جو سوال ان جي حضور ۾ رکندي عرض ڪيم تہ، مون کي اُميد آھي تہ، جنھن ريت پنھنجي زندگيءَ ۾ توھان مون طالب علم تي مھربان رهيا، اڄ بہ نہ صرف ان سوال جو جواب عنايت ڪندا پر طالب علم جي رهنمائي پڻ ڪندا |
شاھ سائين جو سوال مرشد کي ٻڌائڻ کان پوءِ عرض ڪيم تہ، مرشد جيڪڏھن اجازت ھجي تہ، ھڪ ڳالهہ آئون بہ عرض ڪريان؟ ۽ پوءِ سندن اجازت سان عرض ڪيم تہ، مرشد توھان پنھنجي ھڪ ڪتاب جيئن ڏٺو آھي مون جي ارپنا ۾ لکيو ھو تہ، آئون پنھنجي اھا ڪاوش يگاني صوفي شاھ عنايت شھيد جي نام نامي ۽ اسم گرامي سان منسوب ڪريان ٿو، جنھن مذھبي تعصب خلاف جھاد ڪندي پنھنجو سر قربان ڪري ڇڏيو ھو |
جواب مليو بلڪل ارپنا لاءِ اھي ئي جملا لکيا ھئم پر شھزادا ان ارپنا جو حوالو ڏئي تون ڇا چوڻ يا پُڇڻ ٿو چاھين؟ |
عرض ڪيم مرشد توڙي جو توھان ان ڪتاب جي سال ع ۾ ترتيب ۽ تدوين مڪمل ڪئي شاھ سائين جي سوال ۾ موجود ٻہ واقعا ان کان اڳ ٿي چڪا ھئا طالب علم اھو سمجهڻ ٿو چاھي تہ، توھان جون شروعاتي تحريرن ۽ ڪُجهہه تقريرن ۾ شاھ عنايت شھيد جو جذباتي انداز ۾ ذڪر ملي ٿو توھان سال ع ۾ حيدرآباد ۾ ساڃاھ وندن کي خطاب ڪندي فرمايو ھو تہ، شاھ عنايت کان وڌيڪ اُجرو سنڌ واسي پوءِ سنڌ ڪڏهن نہ ڏٺو ان جو مطلب اھو ٿيو تہ توھان تڏهن بہ صوفي شاھ عنايت شھيد جي فڪر ۽ جدوجھد سان ڪامل اتفاق رکندا ھئا پر سنڌ اسيمبليءَ ۾ ھندوستان جي ورھاڱي ۽ پاڪستان جي قيام لاءِ ورھاڱي جي حق ۾ جيڪو ٺھراءَ توھان پيش ڪيو ۽ منظور ڪرايو، اھو ٺھراءَ صوفي شاھ عنايت شھيد جي صُلحِ ڪُل جي فڪر سان ٽڪراءَ ۾ نہ ھو؟ ڇو تہ شاھ عنايت شھيد تہ مذھبي نہ پر انساني سماج ۽ وحدت سان گڏ برابريءَ تي ڪامل ويساھ رکندو ھو |
مرشد جي زندگيءَ سان ڀرپور ٽہڪن سماعتن تي دستڪ ڏني ۽ پوءِ چوڻ لڳو هڪ ڀيرو نہ پر تواتر سان آئون ورھاڱي جي ٺھراءَ ۽ مسجد منزل گاھ تحريڪ جي معاملي سنڌو ماٿري جي واسين سان کليل دل سان معذرت ڪري چڪو آھيان جنھن ڪتاب جي ارپنا جو توھان حوالو ڏنو، ان ڪتاب ۾ پڻ مون سنڌ واسين کي جنونيت جي زھر کان بچائڻ لاءِ تفصيل سان پنھنجا ويچار پيش ڪيا ھئا مون ڪڏهن بہ عقلِ ڪُل ھجڻ جي دعويٰ ناھي ڪئي غلطيون ٿيون تہ، کُلي ان جو اعتراف ڪيم ۽ تدارڪ لاءِ وس ۽ وت آھر ڪوششون پڻ ڪيم |
مون عرض ڪيو مرشد ڇا ورھاڱي وارو ٺھراءُ ۽ مسجد منزل گاھ واري تحريڪ سنڌو ماٿري ۽ سنڌ واسين کي جيڪي گهرا گھرا گهرا گهاءُ ڏنا، مذھبي سُڃاڻپن جي وٿي وڌي ان جو تدارڪ صرف معذرت سان ممڪن ھو؟ |
مرشد چوڻ لڳو هڪ تہ تون ڳالهائين گهڻو ٿو، ھونئن بہ اھا سُٺي ڳالهہ آھي، ماڻهوءَ کي ڳالهائيندو رهڻ گهرجي تہ، زندگيءَ جي گرمي برقرار رهندي آھي |
عرض ڪيم مرشد ڇا صرف ڳالهائڻ سان ئي زندگيءَ جي گرمي برقرار رهندي آھي، پوءِ ماڻهو ڪجھه بہ کڻي ڳالهائي؟ |
مرُڪندي وراڻيائون هِي جيڪو اوچتو طالب علم جي اندر مان صحافي ٻاھر نڪري ايندو آھي اھا بہ ڀلي ڳالهہ آھي ماڻهو جيڪڏھن طالب علم رهي ۽ ان حيثيت ۾ ڳالهائي تہ اھو رهنمائي چاھيندو آھي پنھنجي دور جي شعور جي روشنيءَ ۾ سمجهڻ چاھيندو آھي ورھاڱي جي ٺھراءَ جي منطقي نتيجي سنڌو ماٿري ۽ سنڌين کي تدارڪ نہ ٿيڻ جوڳو نقصان پھچايو تلخ حقيقت اھا آھي تہ، مون کي انهن ٻنهي معاملن سان ٺھراءَ ۽ مسجد منزل گاھ تحريڪ کان پاند بچائي رکڻ گهرجي ھا، پر توھان کي ۽ توھان جي دوستن کي اھا ڳالهہ سمجهڻي پوندي تہ، ڪو بہ شخص جنم ڏينھن کان فڪري ارتقا جو معراج نٿو ماڻي فڪري ارتقا جو ڊگهو ۽ اڙانگو سفر ڪڏهن نعمتن سان نوازي ڇڏيندو آھي ۽ ڪڏهن ماڻهو لحد ۾ لهڻ وقت رنج ۽ ملال کان ڇوٽڪارو نٿو ماڻي سگهي سياسي ۽ مذھبي جذبن جي اثر ۾ جيڪي غلطيون ٿيون، اُنهن جي تدارڪ لاءِ عملي ۽ تحريري طور تي مون کان جيترو ڪم ٿي سگهيو، يا ائين چئجي تہ، جيترو ڪم ڪرڻ جو وقت مليو، اُن تي مون کي اطمينان آھي |
ھڪ مختصر وقفي کان پوءِ مرشد فرمايو شھزادا، ھونئن بہ آئون ھڪ ڳالهہ تي حيران آھيان تہ، سنڌ واسين پنھنجي گهرن ۾ شاھ جو رسالو ، پيغامِ شاھ لطيف ، جيئن ڏٺو آھي مون ، زنجيرن ۾ جڪڙيل قوم ۽ سنڌ جو آواز جي بدران موت جو منظر، راجا گڌ، مرڻ کان پوءِ ڇا ٿيندو ۽ تلوار ٽُٽي وئي جھڙا ڪتاب آخر ڇو ڀري ڇڏيا آھن؟ سنڌين جي نئين ٽہيءَ پيغام شاھ لطيف جو شعوري طور تي مطالعو ڪيو ھجي ھا تہ انهن کي جنونيت، تعصبات ۽ متڀيد کان محفوظ رکڻ جا گُر اچي وڃن ھا |
ڪجھه گهڙين جي ماٺار کان پوءِ مرشد جو آواز ٻُڌڻ ۾ آيو شھزادا، ڇا مُون سڄي عمر جنونيت جي جبر ۽ ان مان جنم وٺندڙ خرابين تي ناھي ڳالهايو؟ ڇا مون سنڌ واسين کي اھو ناھي چيو تہ، توھان جي اصل شناخت سنڌ آھي سنڌو ماٿري، سنڌو ندي، پنھنجي ثقافت، تهذيب ۽ تمدن آھي توھان جو فڪري اثاثو شاھ لطيف، سچل ۽ ساميءَ جي شاعري آھي ان فڪري اثاثي کان مُنھن موڙ ڪندا تہ انسانيت ڪشي جي شوقين خيرات تي پلجندڙن جو ڌڻ بڻجي ويندا؟ |
مون عرض ڪيو تہ، مرشد، توھان صحيح پيا فرمايو پر ھن وقت صرف سنڌ ئي نہ پر سڄي سنڌو ماٿري فڪر، شناخت ۽ تهذيب جي بحران ۾ ڦاٿل آھي ورھاڱي اسان کي پنھنجي اصل کان ڪٽي جنھن رُخ ۾ ھَڪليو، ان رخ ۾ تہ گهريون گھريون گهريون گهريون گھريون گهريون کاھيون آھن يا تپندڙ صحرا ھاڻي تہ اھو ٿو لڳي تہ اسان ھڪ بنجر سماج ۾ جِي رهيا آھيون |
مرشد سائين چوڻ لڳو شھزادا، ورھاڱي جي ڪُک مان جنم وٺندڙ عذابن ۽ بربادين کان ڪنھن کي بہ انڪار ڪونهي، البتہ منھنجي راءِ اھا آھي ته ھاڻي ان جو ماتم ڪندو رهڻ کان بهتر آھي تہ ھر شخص پنھنجي پنھنجي وس ۽ وت آھر اھڙي انساني سماج جي تشڪيل لاءِ جدوجھد ڪري، جيڪو تعصب، متڀيد، اقربا پروري، عدم مساوات ۽ ناانصافين کان محفوظ ھجي ۽ شرفِ انساني جي دولت سان مالامال ھجي البتہ ان لاءِ ضروري آھي تہ، سڀ کان پھرين جنونيت جي زھر جو ترياق تلاش ۽ استعمال ڪيو وڃي اھو ترياق صرف ۽ صرف علم ۽ انساني دوستيءَ سان ممڪن آھي پنھنجي اولاد ۽ نئين نسل کي مطالعي جي نعمتن کان آگاھ ڪريو اھا فرقي واريت ۽ نفرتون ھن سرزمين جي ماڻهن جو اصل ھرگز ناھن |
عرض ڪيم مرشد سائين ڇا پنھنجي تاريخ تي شرمندہ ۽ پرائي تاريخ تي گهمنڊ ڪندڙن جي عصري شعور جي رهنمائي ممڪن آھي؟ |
چوڻ لڳا ناممڪن ڪجھه بہ ناھي ھوندو انسان تہ چنڊ تي پھچي ويو ھن زمين جا واسي حق شناسي ۾ دير ضرور ڪري رهيا آھن، پر ياد رکو تہ نيٺ انهن کي ھڪ ڏينھن پنھنجي اصل جي طرف موٽڻو پوندو |
مرشد جي ارشادات جي نعمتن سان مسافر طالب علم پلئہ ۽ پاند ڀريندو رهيو تہ اوچتو مرشد سائين فرمايو شھزادا، شام جي پوياڙي آھي تنھنجو سفر بہ ڊگهو آھي، ھڪ ٻي ڳالهه، سا اھا تہ، جيڪي ماڻهو غلطي ڪري ان تي فخر ڪندا آھن، اُھي دُنيا کي جھنم بڻائي ڇڏيندا آھن انسانيت جو پھريون سبق اھو آھي تہ، غلطي ڪجي تہ، کليل نموني ان جو اعتراف ڪندي شرمسار نہ ٿيڻ گهرجي انڪار کان اعتراف ڪجھه مشڪل ضرور آھي پر اعتراف ئي جهالت جي انڌيرن کي ڪاٽي ڇو تہ اعتراف کي اصل ۾ علم ۽ مشاھدي جي طاقت حاصل ھوندي آھي |
مرشد جي ڳالهہ پوري ٿي تہ، مون اجازت ورتي، سندن تربت وٽان اُٿيس ۽ واپسيءَ لاءِ روانو ٿي ويس |
ڪنٺي جو ڪردار اُستاد حاجي محمد ماکن راھمون ڀارومل امراڻي سوٽہڙ |
حاجي محمد ماکن راھمون ٿر جي انهن ڪردارن منجھان آھي جن وٽ وطن جي مٽي ۽ وچن جي ساک سڀ ڪجھه ھوندا ھئا جن کي چونئري ۾ ٻرندڙ ڏيئي جي روشنيءَ ۾ ساري ڪائنات ڀٽن جو ڀرم لڳندي ھئي جيڪي ٿر جي لاءِ سوچيندي ۽ لوچيندي بي اختيار چپن تي آڻيندا ھئا تہ، ڀٽون مئي جون ڀينرون ، جن ٿر جي سياست ۾ نظرين ۽ خدمتن جي جاءِ تي ڏوڪڙن جو سينڌور سمائڻ جي سخت مخالف ڪئي جن کي معلوم ھو تہ تبديلي سرشتي جو نيم آھي، پر ٿر جي تاريخ ۽ تهذيب جي انفراديت کي تبديلي جي وھڪري ۾ گم ٿيڻ کان ڪيئن بچائجي؟ جن چاھيو ٿي ٿر ۾ رات مٿان رات نہ پوي، ماڻهو جهالت ۽ بي علمي جي اونداھ ۾ ويڙھيل نہ رهن واري جي دڙن مٿان علم جو سورج اڀري، راڄ ڀاڳ ۾ امن ۽ انصاف قائم ٿئي ڪير ڪنھن سان انياءُ ۽ اتياچار نہ ڪري، ماڻهو کي واگهه جا نک ڇو ھجن ؟ ماڻهو تہ ڪونپل کان بہ ڪچڙو ۽ معصوم ھجي |
ٿر جي طبعي ڀاڱي ڪنٺي جي وڏي راڄ تڙ دوس ۾ محمد سالار راھمي جي گهر ۾ مئي ع تي جنم وٺندڙ حاجي محمد ماکن راھمي کي پنھنجي ڳوٺ جو پھرين استاد مقرر ٿيڻ جو اعزاز حاصل ھو حاجي محمد ماکن پرائمري تعليم جا ٻہ ابتدائي درجا ڳوٺ ساڪريو ۾ مولوي محمد سليمان نھڙي وٽان پڙهي ڳوٺ ٻلھاري ۾ حافظ امام دين جي مدرسي ۾ داخل ٿيو، جتان ديني تعليم سان گڏ پرائمري تعليم جا درجا مڪمل ڪري فائينل جو امتحان ڏيڻ جي لاءِ ڳوٺ جنجهي پھتو، جتي ھن ٿر جي نامور سگهڙ، لطيف جي پارکو ۽ استاد حاجي الهداد جنجهي سان گڏ فائينل جو امتحان پاس ڪري پرائمري استاد مقرر ٿيو پرائمري استاد جي نوڪري ملڻ کان پوءِ حاجي الهداد جنجهي ۽ حاجي محمد ماکن گڏجي استادن جي تربيت وارو ڪورس نامور دانشور محمد ابراھيم جويي ۽ نامور مصور ع ق شيخ جي نگراني ۾ ڪيو |
حاجي محمد ماکن سچل جنجهي جي ساکيلي قافلي ۾ شامل ٿي پوري ڄمار علم جون جهوليون ڀري ورھائيندو رهيو حاجي محمد ماکن پنھنجي اباڻي ڳوٺ جي اسڪول، ڪروڙو سما ۽ ٻين ڳوٺن جي اسڪولن ۾ نوڪري دوران خدمتون سرانجام ڏنيون رٽائرمينٽ کان پوءِ بہ پنھنجي ڳوٺ جي اسڪول ۾ رضاڪارانہ پڙهائيندو رهيو حاجي محمد ماکن شاگردن کي چوندو ھو تہ علم تجربي، دليل ۽ مشاھدي جي لاءِ اتساھيندو آھي |
ھن ھڪ استاد جي حيثيت ۾ نہ صرف ماڻهو جي اندروني ڪائنات جو احترام سيکاريو، پر اخلاقي قوت سان مالا مال روحاني طور بلند ٿيڻ جو درس پڻ ڏنو اصلاحي ۽ تعميري سوچ سان نئين نسل جي تربيت ڪندي ھن جي اندر ۾ تمنا ڪر موڙيندي ھئي تہ اسان جو نئون نسل علمي سماجي، ۽ سياسي ميدان ۾ پاڻ ملهائي نئين نسل کي لطيف سائين جي لفظن ۾ سجاڳي چوندو ھو ته؛ |
ھل تہ ھيڪاندي ٿئين، ويھي وجهه م وير، دل ۾ آڻ م تون ڦرڻ سندو ڦير، |
ماڻهو ڳالھين ۾ بہ ڦٽي وجهندا آھن پر حاجي محمد ماکن جي ٻولي مٺڙي ۽ ٻاجهه ڀري ھوندي ھئي ھن کي ٻڌندي ٻڌندڙ جي دل پئي چوندي ھئي تہ حاجي ويٺو ڀل ڳالهائي پر ھُو پنھنجي ڪچھري دوران ڳالهہ ڳالهہ مان موقعو فراھم ڪري ڏيندو ھو تہ، ٻڌندڙ ڳالهائي ڪنھن بہ ريت عام ماڻهو جي اندر ۾ ڳالهائڻ جي سگهه پيدا ٿئي پيڙهيل ماڻهن کي ڳالهائڻ جي لاءِ اتساھيندو ھو ھن کي پتو ھو تہ جڏهن ماڻهو جا چپ چُرندا آھن، تڏهن ڪن ۽ اکيون ازخود کلي پونديون آھن جيڪڏھن ڪنھن ڳالهہ تي يا ڪنھن معاملي تي ڪوئي ڊگهو بحث ڪندو ھو تہ سامھون ضد ڪري الجهڻ جي بدران ڍاٽڪي ۾ چوندو ھو تہ مانتري سجي بات رٻڙيو ٿي پئي اھه |
ٿر جھڙي پر امن خطي ۾ ڏاڍن جي ڏمر، دھشت ۽ دادگيري تي ھن جو اندر اڌ ٿي پوندو ھو، ھزارين حسرتن ڀريل سوالن سان ڪنٺي جي ڪنڊ تان بيھي لوڪ ڏاھپ جي ڏيا سان عام ماڻهو جي سوچن ۾ ولوڙ وجهڻ جي جستجو ڪندو ھو تہ، انسان ھٿان انسان جي اقتصادي، سياسي، سماجي ۽ ثقافتي ڦرلٽ ڇو ٿي رهي آھي؟ مظلوم ۽ محڪوم ماڻهن کي پرماريت جي پنجوڙ ۾ ڇو ڦاسايو پيو وڃي؟ مٽي ھاڻن معصوم ماڻهن جا روح زخمي، دليون گهايل ھانءُ ڪومايل مھانڊا مرجهايل ڇو آھن؟ انساني جان، مال، عزت ۽ آبرو جو تحفظ ڇو نہ آھي؟ زندگي جي مسرتن کي ماڻڻ جا حق ھڪ مخصوص طبقي کي ڇو ميسر آھن؟ زندگي جي راھ تي عوام جي اڪثريت ڌڪا ٿاٻا ڇو کائي رهي آھي؟ پورهيت جي پورهئي جو قدر ڇو نہ آھي؟ مفت خور ۽ ھڏ حرام طبقو محنت ڪش جو استحصال ڇو ڪندو رهي ٿو؟ اسان کي ننڍن ننڍن معاملن تان اختلاف ختم ڪري ھڪ اھڙو سماج اڏڻ جي لاءِ اُٿڻ گُهرجي جنھن سماج ۾ ماڻهن جي دلين ۾ ڪو ڊپ نہ ھجي ڪير ڪنھن جو استحصال نہ ڪري انساني عقل ۽ صلاحيتن جي شفاف لھر نااميدي جي وارياسي رڻ پٽ کي ريٽي نئين آس ۽ امنگ سان اڳتي وڌي ائين من جي پيڙا جي اٿل راشد مورائي جي انهن سٽن تي دنگ ڪندي ھئي؛ |
ڪونڀٽن جي پريان ٻيريون جاڱريون، ٻير ڳاڙها تہ ڏس چھچ ٽاريءَ مٿان، |
عشق ٿر جي ڀٽن سان ڪيئي راشدا لاھ ڏک سور ڌرتي ڏکاري مٿان، |
حاجي محمد ماکن راھمي جو مامو عبدالصمد لوڪ ڏاھپ جو ڄاڻو ھو لوڪ ڏاھپ جي ڏيا سان راڄ ڀاڳ جا فيصلا نبيريندو ھو، حاجي محمد ماکن کي پنھنجي مامي کان فيصلن کي نبيرڻ جي ونڊ ملي پر ھن راڄ ڀاڳ جي روايتي راڄنيتي ۾ تبديلي آڻي ڳوٺاڻي سطح تي حل نہ ٿيندڙ معاملن کي قانون جي روشني ۾ حل ڪرائڻ جي لاءِ بہ وک وڌائي مظلومن مسڪينن ۽ بي پھچ انسانن کي آٿت ڏئي پنھنجي وس آھر، بنان ڪنھن لوڀ لالچ جي، پنھنجي ھڙان وڙان خرچ ڪري انصاف ڏياريندو ھو |
حاجي محمد ماکن کي جيترو ٿر جي سياسي، سماجي، ثقافتي ۽ تاريخ جي لاھن چاڙهن تي ڳالهائڻ ايندو ھو، اوترو ئي ھن وٽ ٿر جي مارڪيٽ، اڪانامي جي موقعن ۽ خطرن بابت مواد ھوندو ھو ڏور ڪنٺي جي ڪنڌي تي ويٺل پرائمري استاد پنھنجي لوڪ ڏاھپ جي بنياد تي گهڻو اڳ ۾ لوڙھي، واڙي وٿاڻ، جڙ ۽ سيڙهي تان وڙهندڙ ماڻهن کي سمجھائڻ شروع ڪيو ھو تہ ايندڙ وقت ۾ گئوچر اسان جي ڳوٺن جي گوئاڙين مان ائين گم ٿي ويندي جيئن ڍڳي جا مٿيان ڏند ويا آھن ٿر ۾ سروس سيڪٽر جي اھميت مستقبل ۾ ٿڻ ۽ ڪڻ ٻنهي کان وڌي ويندي اڄ اسين چئون ٿا تہ غريب اھو آھي جنھن وٽ ٻٽي ٻڪري نہ آھي، پر سڀاڻي غريب اھو ھوندو جنھن جو مارڪيٽ کان رابطو ڪٽيل ھوندو |
حاجي محمد ماکن راھمون نوجواني ۾ ڪڏهن ترڪي تہ ڪڏهن جناح ٽوپي پائيندو ھو پر پوءِ ھن پوري ڄمار سفيد پٽڪو ٻڌو ھن حاجي محمد ماکن راھمي جي اندر ۾ ڪڏهن غرور پيدا نہ ٿيو، نہ وري ڪڏهن ھن ٺٺ ٺانگر کي اپنايو سدائين سگهڙن سياڻن ۽ لطيف جي پارکوئن سان ڪچھري ڪندي سادي زندگي گذاري حاجي محمد ماکن کي ٿر جي لوڪ ادب جي گفتن، قصن ڪھاڻين، ڳجهارتن، دوھن ۽ شاھ لطيف جي ڪلام سان گڏ فارسي شاعري تي وڏو عبور حاصل ھوندو ھو |
سنڌ جي تڪراري پر تيز دماغ واري انسان پنھنجي آتم ڪھاڻي اھي ڏينھن اھي شينھن ۾ ان تشويش جي تفصيل سان تذڪرو ڪيو آھي، جيڪا مسلم ليگ سنڌ جي حلقن ۾ شدت سان محسوس ڪئي ويندي ھئي پير علي احمد راشديءَ لکيو آھي تہ، يوسف ھارون بہ پريشان ھوندو ھو تہ، قائد اعظم محمد علي جناح تائين سنڌ جو مخصوص ڪيس ڪيئن پيش ڪجي؟ ان سلسلي ۾ ھڪ ڀيري ايئرپورٽ تان جناح صاحب کي رِسيو ڪرڻ لاءِ راشديءَ کي اماڻيو ويو ھو ۽ ھن واپسيءَ دوران پورو وقت جناح جي آڏو شدمد سان سنڌ جو ڪيس پيش ڪيو پير علي احمد ٻڌايو آھي تہ، جناح صاحب سڄي واٽ خاموشيءَ سان منھنجا خيال ٻڌا جڏھن يوسف ھارون جو گهر اچي ويو ۽ ھُو گاڏيءَ مان ھيٺ لھڻ لڳو تہ ھن مون کي چيو، جيڪي ڳالھيون تون ڪيون آھن، اھي سڀ مون کي لکي موڪل ان بعد پير علي احمد راشديءَ سنڌ جي مسئلن جي حوالي سان جيڪا رپورٽ قلمبند ڪئي ھئي، اھا سنڌي ٻوليءَ ۾ فرياد سنڌ جي نالي سان بہ شايع ڪئي وئي |
مسلم ليگ جي مرڪزي قيادت کان وٺي ملڪ جي مرڪز تائين پاڪستان ٺھڻ کان اڳ ۽ پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ سنڌ جي سُورن جو سفر اڃان تائين اھا منزل نہ ماڻي سگهيو آھي، جتي مسافرن جي پيرن جي پيڙا ختم ٿي ويندي آھي |
سنڌ ۾ ھڪ سُريلو ۽ موھيندڙ ماڻهو جي ايم مھڪري بہ ھو ھُو انگريزيءَ ۾ ڪالم لکندو ھو ھن جي ڪالمن ۾ شيڪسپيئر جي ناٽڪن جا حوالا عام جام ھوندا ھئا ھُو جنرل ضياءَ جي آمريت ۾ بہ پوري شدت سان انساني آزادين ۽ عورتن جي حقن تي لکندو ھو ھڪ ڀيري شايد براھيم جويو جي اصرار تي ھن جي سري ھيٺ ھڪ ڪتابچو لکيو ھو جيڪڏھن اڄ بہ ان لکڻيءَ کي پڙهجي ٿو تہ ائين محسوس ٿئي ٿو، ڄڻ وقت جي مرهم کان سنڌ جا زخم ڀرڻ جي وڄا وسري وئي ھجي راشدي صاحب جي لکيل فرياد کان وٺي جي ايم مھڪريءَ جي تحرير ٿيل ڪتاب تائين سنڌ جي سورن جو مجموعي حال احوال امداد حسينيءَ جي ان شعر جھڙو آھي |
حال امداد جو پڇو ٿا ڇا اڄ مڙئي سور ڪجھہ سوايو آ |
وقت سان گڏ سنڌ جا سور گهٽجڻ بدران مسلسل وڌيا آھن ڪڏھن ڪڏھن تہ ائين محسوس ٿيندو آھي تہ ڄڻ لطيف سنڌ جي سورن کي سسئي جي روپ سروپ ۾ پيش ڪيو ھجي ڇو تہ جيڪي سور شاھ جي ٻين سورمين جي مقدر جو حصو بڻيا، انهن جو ڪاٿو ۽ انهن جي ڪيفيت اھڙي نہ ھئي، جھڙي سسئي سان سلهاڙجي ويل سورن جي ھئي سسئي کي لطيف ائين پيش ڪيو آھي ڄڻ سسئي ڪا عورت نہ پر ھڪ سُور ھئي سراپا سُور |
سرجيس تان سور، سامائي تان سک ويا سور م ڏئي ڌوڻ، آئين اڳيئي ڪانہ ي |
سورن اسان ساڻ ننڍي لاڪون نيھن ڪيو ھڪ سسئي ٻيا سور، ويا پٽيندا پاڻ ۾ |
اھي سٽون اھڙيون ٻيون سوين سٽون لطيف سسئي جي حوالي سان ائين سرجيون آھن، جيئن ھو ھڪ عورت جي ڪردار جي ڳالھ نہ ڪندو ھجي پر پنھنجي ڌرتي ۽ پنھجي ديس جي دکن جي ڪٿا بيان ڪندو ھجي |
اھا حقيقت آھي تہ لطيف ڪڏھن بہ سنڌ جو صاف ۽ الڳ ٿلڳ سياسي ۽ سماجي حوالي سان ان طرح نالو کڻي ڪو ذڪر نہ ڪيو آھي، جيئن بعد ۾ لطيف کي سنڌ جي دردن جي ترجمان جي حوالي سان پيش ڪيو ويو جيئن سائين جي ايم سيد پنھنجي ڪتاب پيغام لطيف ليکو آھي ۽ جيئن رسول بخش پليجو پنھنجن ليڪچرن ۽ تقريرن ۾ بار بار بيان ڪندو ھو اھو سچ آھي تہ لطيف ڪڏھن بہ حيدر بخش جتوئيءَ وانگر جيئي سنڌ جھڙو شعر نہ لکيو پر لطيف جون روشن اکيون ۽ ھن جي گهري گھري گهري گهور جھڙي طرح سنڌ جي اندر ۾ پيھي ان جي پيڙا کي محسوس ڪندي ھئي لطيف جيئن پنھنجن ماڻهن جي بک ۽ بيوسي ڏسندو ھو لطيف جي آڏو جھڙي طرح سنڌ جي مسڪين ماڻهن جي بيعزتي ٿيندي ھئي، اھا قومي ۽ انساني تذليل لطيف جي شاعريءَ ۾ شعور جا ديپ جلائڻ جو باعث بڻي لطيف پنھنجن مجموعي ڪردارن ۾ ھن ڌرتيءَ جي انساني دکن جو تلخ تذڪرو ڪيو آھي انهن ڪردارن ۾ مارئيءَ جو قيد ۽ مومل جو انتظار ۽ سھڻيءَ جي ساک مٿان حملا ۽ ھن خلاف سازشن جو خوني ڄار بہ آھي پر جيڪا تڪليف لطيف لڪن ۾ لوساٽيل سسئيءَ جي پيش ڪئي آھي، اھڙي ڪنھن بہ ڪردار جي ڪونهي |
سسئيءَ جو سمورو ڪردار جھڙي طرح لطيف جي مجموعي بيتن ۾ منتشر صورت نظر اچي ٿو، اھو ڄڻ تہ ڌرتيءَ جو روپ آھي سسئيءَ جو مک ڌرتيءَ جو مک آھي ۽ سسئيءَ جو دک ڌرتيءَ جو دک آھي ڌرتي جيڪا سنڌ آھي سنڌ جيڪا سسئي آھي سسئي جيڪا سُڏڪو آھي اھا سسئي جنھن سان دوکو بہ ٿيو ھجي جنھن جو حق بہ کسيو ويو ھجي جنھن جي ور کي ھن وقت بہ مسنگ پرسنس استعاري ۾ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آھي اھو پنھون جيڪو آڌي رات اٺن جي کنڀي کنيو ويو |
آڌي رات ابوءِ ھاڙهو ھوت ٽپي ھليا پرہ نہ ڦٽي پوءِ |
سنڌ مٿان سازش ۽ جبر جي اھا سياہ ۽ ڪاري رات اڄ بہ تاڻيل آھي جھڙي ريت قرت العين حيدر پنھنجي سدا حيات ناول آگ ڪا دريا جو مرڪزي خيال اھو پيش ڪيو آھي تہ جڳ مٽجن ٿا وقت جو وھڪرو واٽون مٽائي ٿو پر ڪجھہ ڪردارن جا مقدر تبديل نہ ٿا ٿين |
سنڌ گوندر جي ول ۾ وڪوڙيل اھا منتظر مورت آھي، جنھن کي لطيف سسئيءَ جي صورت ۾ پيش ڪرڻ جي خوبصورت ۽ تمام ڪامياب ڪوشش ڪئي آھي |
لطيف لکيو آھي تہ، سسئي ۽ سور ويا پٽيندا پاڻ ۾ ساڳي طرح سان سنڌ ۽ سورن جو ساٿ نيٺ ڪٿي ڇيھ ڪندو؟ اھو وقت ڪڏھن ايندو جو سنڌ بہ سسئيءَ وانگر اھو چئي سگهندي ته |
تن سورن جي شاباس، جنين مونسين گهاريو جانسين ھاس جبل ۾، تان ھئا منھنجي پاس |
سو سنڌ جا سور وري ويندا سنڌ جي سورن جو انت ڪڏھن ايندو؟ ان سوال جو جواب اسان کي نہ ڪنھن نجوميءَ ڏنو آھي ۽ نہ اسان ڪنھن جوڳيءَ کان پڇيو آھي تہ ھو ڍارو ھڻي ٻڌائي تہ سنڌ جي سورن جو ڇيھ ڪڏھن ٿيندو؟ اسان ڪنھن نجوميءَ کان پڇون تہ ڇا پڇون؟ جڏھن تہ اسان جو پنھنجو ملڪ، اھو پاڪستان جنھن جي جوڙجڪ جو بنياد سنڌ فراھم ڪيو ان اسان جي ملڪ، اسان جي پياري پاڪستان کي پتو ئي ناھي تہ سنڌ کي ڪھڙا سور ۽ سنڌ کي ڪھڙا پور آھن؟ |
لطيف لکيو آ پاڙي ناھي پروڙه، تہ ڪا رات رنجائي گذري؟ |
اسان جو پنھنجو ملڪ، اسان جو پيارو پاڪستان اسان جي لاءِ امڙ جي آغوش ٿيڻ بدران ھڪ اھڙو پاڙو بڻجي ويو آھي، جنھن کي ڪا پروڙ ئي ناھي تہ سنڌ ۾ ڪنھن جي ڪٽنب جي زندگي زھر جو پيالو ڪيئن ٿي بڻجي وڃي؟ ڪا پريا ڪماري ڪيئن ٿي کنڀجي وڃي؟ ڪو ناظم جوکيو ڪيئن ٿو قتل ڪيو وڃي ڪنھن صحافيءَ جي ماٺ ڪرائڻ لاءِ کيس موت جي ھنج ۾ اڇلائي، ان جي مٽيءَ مٿان گلابن جو غمگين پتيون ڪيئن نڇاور ڪيون وڃن ٿيون ۽ ڪنھن سان بنا ڪيس ھلائڻ ۽ بنا وضاحت وٺڻ جي ان کي گولين سان ڇاڻي ڪيئن ٿو قتل ڪيو وڃي؟ ڪيئن انسان انصاف لاءِ ٻاڪارين ٿا؟ ڪيئن ماڻهو امن جي لاءِ حيران پريشان آھن؟ ڪيئن ماڻهو ڌاڙيلن جي دھشت سبب شام جو گهر ڀيڙا ٿي رهن ٿا ڪھڙي طرح جمھوريت جي نالي ۾ جمھوريت جو جنازو ڪڍيو ٿو وڃي؟ |
ھڪ طرف عورتن جي عظمتن جا گيت ڳايا وڃن ٿا ۽ انهن جي روشن مستقبل لاءِ مھڪندڙ ھوٽلن ۾ سيمينار منعقد ڪيا وڃن ٿا ۽ ان وقت ڪھڙي ريت سنڌ جي ڪنھن شھر ۾ ڪجھہ روپين لاءِ اس ۾ اڀي پير بيٺل عورتون ڪھڙي ريت رڙيون ۽ رانڀاٽ ڪن ٿيون؟ ڪھڙي طرح انهن جي تڪليف جو سياسي فائدو حاصل ڪيو وڃي ٿو؟ ڪھڙي ريت عدالتن ۾ ڪارا ڪوٽ ۽ ڪارا جبا ڏسي ھيسيل انسان انصاف کي پاڻ کان الڳ ٿيندو ڏسن ٿا؟ ۽ ڪھڙي ريت تحفظ فراھم ڪرڻ وارا ماڻهن کي محفوظ ماحول ڏيڻ بدران انهن مٿان سڌين گولين جا برسٽ ھلائين ٿا ڪھڙي ريت معصوم ٻار بکئي پيٽ ۽ اگهاڙن پيرن سان اس ۾ پنندا نظر اچن ٿا ڪھڙي طرح ڇتن ڪتن کان کاڌل معصوم ڪيھون ۽ ڪوڪرا ڪري مرن ٿا |
سنڌ کي سياسي طور ساڻو ڪري ڪھڙي ريت پاڻيءَ مٿان منظم ۽ قانوني ڌاڙا ھڻڻ جو قانون سازشون پنھنجي ناپاڪ پير وڌائين ٿيون؟ سنڌ ۾ مستقل طور تي زمينون مخصوص انداز سان اقتدار جي قيمت طور مخصوص ڌرين حوالي ڪيون وڃن ٿيون ۽ سڀ کان اھم ڳالھ تہ سنڌ جي سرڪش ۽ سچي آواز کي گهوگهي سنڌ کي گونگو ڪرڻ جي لاءِ جيڪي جتن ڪيا پيا وڃن، انهن جي ڪيفيت ڪيترو نہ ڪروڌ پيدا ڪري ٿي جڏھن اھو ڪروڌ الٽيءَ وانگر اوڳاڇڻ بہ نہ ڏنو وڃي تہ پوءِ اھا پيڙا ڪيتري نہ وڌي وڃي ٿي |
سنڌ، سورن ۾ ساماڻيل سنڌ ۽ پورن ھٿان پاليل سنڌ ھن وقت ھڪ اھڙي فرياد بڻجي وئي آھي، جنھن کي ٻڌڻ جو ڪنھن اسلام آباد ۽ ان جي آس پاس ڪنھن کي فڪر ناھي جھڙي ريت پھرين مھاڀاري جنگ جي سورن کي بيان ڪرڻ لاءِ جرمن اديب ايرڪ ماريا مغربي محاذ تي سڀ مست آھي، لکيو ھو تھڙي طرح اسلام آباد ۽ پنڊي جي ڏکڻ جي پوندڙ ۽ ڏکن ۾ ڏرندڙ سنڌ جي سلسلي ۾ بہ سموريون رپورٽون ان قسم جون پيش ٿي رهيون آھن تہ ھتي سڀ سک آھي |
سنڌ ۾ سک ناھي سنڌ ۾ ڏک آھي سنڌ ۾ بک آھي سنڌ ۾ بدامني آھي سنڌ ۾ بي انصافي آھي سنڌ ۾ ڪرپشن آھي سنڌ ۾ قانون جي حڪمراني ناھي سنڌ ۾ تعليم، تھذيب، صحت تہ پر پيئڻ جي لاءِ صاف پاڻي بہ ناھي ۽ اسلام آباد کي اطلاع اھي پيا ڏنا وڃن تہ سنڌ ۾ ڪو سور ڪو پور ناھي جڏھن تہ سنڌ سراپا سور آھي اھڙو سور جھڙو ٽٽل در ۽ جبر سان ماريل ور جو ھوندو آھي |
ھڪ جپسي ڪالم ھڪ نئين ۽ خوفناڪ سڃاڻپ حبيب ساجد |
مولانا ابوالڪلام آزاد ھڪ عجيب ماڻهو ۽ ڪمال جو مفڪر ھو، ھُو پنھنجي سچ ڳالهائڻ واري عادت جي ڪري ڏاڍو ياد ڪيو ويندو آھي، ھن پاڪستان جي قائم ٿيڻ کان ھڪ سال اڳ ۾ يعني ۾ ڪجھہ پيشنگوئيون ڪيون ھيون، جيڪي من و عن صحيح ثابت ٿيون آھن ھن جون اڳڪٿيون ھيٺ ڏجن ٿيون |
مولانا آزاد جو خيال ھو تہ پاڪستان ٺھڻ سان ھندن ۽ مسلمانن وچ ۾ فرقيواراڻي ڇڪتاڻ ۽ تشدد ۾ اضافو ٿيندو ۽ وقت جون حڪومتون انهن مذھبي اختلافن کي حل ڪرڻ تہ پري جي ڳالھ، ھُو انهيءَ باھ کي ڦوڪي ڦوڪي مچائڻ جو ڪم ڪنديون ۽ بلڪل ايئن ئي ٿيو جي تقسيم جي نتيجي ۾ وڏي پئماني تي فرقيواراڻي تشدد جنم ورتو، جنھن جي نتيجي ۾ لکين ماڻهو مارجي ويا ۽ ايترا ئي بي گهر ٿي ويا |
مولانا آزاد جو خيال ھو تہ پاڪستان کي پنھنجي نئين ٺاھيل رياست اندر مختلف قسم جي مذھبي ڌڙن وچ ۾ سياسي عدم استحڪام ۽ اقتدار جي حاصلات جي لاءِ ڇتي جدوجھد جو منھن ڏسڻو پوندو ۽ بلڪل ايئن ئي ٿيو پاڪستان پنھنجي شروعاتي عرصي ۾ ئي عدم استحڪام جو شڪار ٿي ويو، جنھن جي نتيجي ۾ فوجي بغاوتون برپا ٿيون، کوڙ سارا سياسي قتل ڪيا ويا ۽ ان ڪشمش جو اڄ ڏينھن تائين خاتمو نہ ٿي سگهيو آھي |
مولانا آزاد ان خيال جو ھو ۽ ھن صاف لفظن ۾ خبردار بہ ڪيو ھو تہ پاڪستان کي وسيلن جي تقسيم ۽ تجارت توڙي زراعت جي غيرمنصفاڻي ورڇ جي اثرن جي ڪري شديد معاشي مشڪلاتن کي منھن ڏيڻو پوندو ۽ پاڪستان کي اڄ بہ معاشي مشڪلاتن جو مسئلو آھي، جنھن ۾ وسيلن جي تقسيم، ھندستان سان تجارت ۽ داخلي معاشي عدم مساوات وڏا ۽ حل طلب مسئلا آھن |
مولانا آزاد آباديءَ جي وڏي پئماني تي نقل مڪانيءَ جي خدشي جو اظھار ڪيو ھو، جنھن سان خوفناڪ انساني الميہ جنم وٺندا، ڇو تہ ماڻهو ڪوشش ڪري پنھنجي مذھبي اثر رسوخ وارن علائقن ۾ آباد ٿيڻ کي ترجيح ڏيندا ۽ بلڪل ايئن ئي ٿيو، تقسيم کان پوءِ تاريخ پنھنجي نموني جي ھڪ عجيب ۽ خوفناڪ نقل مڪانيءَ جو تجربو ڪيو، جنھن ۾ ٻنهي پاسن کان لکين ماڻهن پنھنجا گهر تڙ ڇڏيا ۽ ھجرت ڪئي |
End of preview. Expand
in Data Studio
README.md exists but content is empty.
- Downloads last month
- 13